ايشيا ڪپ جي وڏي مقابلي ۾ ڀارتي ٽيم پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 267 رنسن جو هدف ڏنو،

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ايشيا ڪپ جي وڏي مقابلي ۾ ڀارتي ٽيم پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 267 رنسن جو هدف ڏنو، جڏهن ته برسات سبب پاڪستان جي اننگز شروع نه ٿي سگهي ۽ ميچ ختم ڪئي وئي.

پاليڪيلي ۾ ڀارتي ٽيم جي ڪپتان روهت شرما ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ڀارتي ٽيم 48 ڏهائي 5 اوورن ۾ 266 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.

ڀارت طرفان هارديڪ پانڊيا 87 ۽ ايشان ڪشن 82 رنسن جي اننگز کيڏي، ڪپتان روهت شرما 11، شبمن گل 10، ويرات ڪوهلي 4، رويندرا جديجا ۽ شرياس ائير 14-14 رنس ٺاهيون.

پاڪستان طرفان شاهين آفريدي 4، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف 3-3 وڪيٽون ورتيون.

ڀارت جي اننگز ختم ٿيڻ کانپوءِ برسات شروع ٿي وئي، جنهن کانپوءِ پاڪستان جي اننگز شروع نه ٿي سگهي ۽ ميچ ختم ڪندي ٻنهي ٽيمن کي هڪ – هڪ پوائنٽ ڏني وئي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
41%
4.4m/s
63%
جمعو
34 °
ڇنڇر
34 °
آچر
33 °
سُومر
33 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون