وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ارسا تي وفاق جو ڪنٽرول ڪنهن به صورت قبول ناهي، پاڻي ٺاهه تحت ارٿارٽي قائم ڪئي وئي، جنهن جو مقصد ئي اهو هو ته ارسا آزاد اٿارٽي هوندي، نگران دورن آرڊيننس ذريعي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي.
سينيٽ چونڊ دوران ووٽ ڏيڻ بعد سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته پاٺي ٺاهه تحت ارسا ايڪٽ ٺهيو هو ۽ اٿارٽي بڻائي وئي، ارسا جو مقصد ئي اهو هو ته اها آزاد اٿارٽي هوندي، وفاق جو ان تي ڪو به اثر نه هوندو.
هن چيو ته نگران دور ۾ ارسا ايڪٽ ۾ ڪجهه تبديلي ڪئي وئي، کيس يقين آهي ته اهو ايڪٽ سينيٽ ۾ اچيَ ها ته پاس نه ٿئي ها، هو ان ڳالهه کي تسليم ئي نه ڪندا ته ارسا کي وفاق ڪنٽرول ڪري.
سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي، نگران دور ۾ سڪيورٽي حالتون خراب ٿيون.
وڏي وزير چيو ته اميد ته نئون ناڻي وارو وزير ملڪي کي ڏکيائين مان ڪڍڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.
سيد مراد علي شاهه چيو ته جي ڊي اي ۽ سني اتحاد ڪائونسل سڄي سنڌ ۾ اميدوار به نه بيهاريا، کين خبر هئي ته هارائي ويندا، هو پنهنجن ميمبرن جي فارم 45 جي گارنٽي ڏي ٿو……….