سينيٽ جي ڇهن خالي سيٽن تي ننڍي چونڊ ۾ پ پ جا چار سينيٽر ڪامياب ٿيا ويا

- Advertisement -
سينيٽ جي ڇهن خالي سيٽن تي ننڍي چونڊ ۾ پ پ جا چار سينيٽر ڪامياب ٿيا ويا، جڏهن ته ن ليگ ۽ جي يو آءِ هڪ هڪ سينيٽر ڪامياب ٿيو آهي، اسلام آباد ۾ يوسف رضا گيلاني هڪ ڀيرو وري ميدان ماريو، سنڌ جون ٻئي سيٽون به پيپلزپارٽيءَ ٻهاري ورتيون، جڏهن ته بلوچستان ۾ پ پ، ن ليگ ۽ جي يو آءِ هڪ هڪ سيٽ حاصل ڪئي. سينيٽ جي ڇهن سيٽن تي ننڍي چونڊ ۾ پيپلزپارٽيءَ چار، ن ليگ ۽ جي يو آءِ هڪ هڪ سيٽ کٽي ورتي آهي سينيٽ لاءِ اسلام آباد جي هڪ سنڌ جي ٻن ۽ بلوچستان جي ٽن سيٽن تي ننڍي چونڊ ٿي، پولنگ جو عمل صبح کان شام چئين وڳي تائين جاري رهيو. اسلام آباد جي هڪ سيٽ تي پ پ اميدوار يوسف رضا گيلاني ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي الياس مهربان وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن دوران 301 ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا. پ پ اميدوار يوسف رضا گيلاني 204 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جو الياس مهربان 88 ووٽ کڻي سگهيو. سنڌ ۾ سينيٽ جي ٻن جنرل سيٽن تي پ پ اميدوار ڄام سيف الله  ڌاريجو ۽ اسلم ابڙو ڪامياب ٿي ويا. سينيٽ جي ٻن جنرل سيٽن لاءِ پ پ جي سيف الله ڌاريجي ۽ اسلم ابڙي جو سني  اتحاد ڪائونسل جي اميدوارن نذير الله ۽ شازيا سهيل سان مقابلو ٿيو. سينيٽ جي ٻن جنرل سيٽن لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ صبح اٺين وڳي کان شام چئين وڳي تائين پولنگ ٿي، آخري ووٽ مڪيش ڪمار چاولا ڏنو. سنڌ اسيمبلي جي 161 مان 124 ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا، پ پ ايم پي ايز پنهنجي اميدوارن جي حق ۾ 115 ووٽ ڏنا، جن مان هڪ ووٽ خارج ڪيو ويو. پ پ اميدوار ڄام سيف الله 58 ۽ محمد اسلم ابڙي 57 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. سني اتحاد ڪائونسل جي مخالف اميدوار نذير الله ۽ شازيا سهيل کي 4-4 ووٽ مليا. بلوچستان جي ٽن سينيٽ سيٽن تي اليڪشن ٿي، جنهن دوران 62 مان 61 ميمبرن ووٽ ڏنو. پ پ جو قدوس بزنجو 23 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو. ٻي سيٽ تي ن ليگ جي دوستين ڊومڪي 17 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. جي يو آءِ جو شڪور خان 16 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.3 ° C
21.3 °
21.3 °
27%
3.4m/s
0%
ڇنڇر
21 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون