تازه ترين
اسرائيل جو جنگي جنون ختم نه ٿيو، اسرائيلي ڪابينا بجيٽ 2026ع ۾ فوج لاءِ 35 بلين ڊالر جي وڏي رقم رکي ڪ... اسرائيلي فوج طرفان غزه ۾ بمباري جو سلسلو جاري آهي، والاريل اولهه ڪناري ۾ هڪ فلسطيني کي شهيد فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي فيفا امن ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو ڪراچي جي علائقي گذري ۾ گھريلو تڪرار تان جوابدار ڇرين جا وار ڪري پنهنجي زال ۽ ڌيءَ کي قتل 1971ع جي جنگ ۾ وطن جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙ ميجر محمد شبير شريف شهيد جو اڄ 54 هون شهادت جو ڏ... آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ بغير نمبر پليٽ گاڏين ۽ بغير لائسنس گاڏين خلاف ڪاررواين جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو پاڪستان سعودي عرب ۾ افغانستان سان ڳالهين بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو جمهوريت هميشه ڳالهين سان اڳتي وڌندي آهي، ڊيڊلاڪ ان کي ڪمزور ڪندو آهي : راڻا ثناءُ الله نوٽيفڪيشن بابت واويلا ڪندڙن کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي: عطا تارڙ وڏي وزير مراد علي شاهه جون 2027ع تائين گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو افتتاح ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

ارسا جي ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس، ارسا جي چئني صوبن جا ميمبر شريڪ

- Advertisement -
ارسا جي ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس سنڌ پاڻي جي فراهمي تي پيد ٿيل صورتحال تي ڪيو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ ارسا عبدالحميد مينگل جي صدارت هيٺ ارسا جي  ايڊوائيزر ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ارسا جي چئني صوبن جي ميمبرن  شرڪت ڪئي آهي. اجلاس ۾ پاڻيءَ جي سطح گهٽجڻ سبب سنڌ کي پاڻي فراهمي بابت پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي. اجلاس ۾ خريف جي فصل لاءِ پاڻي جي دستيابي تي به غور ويچار ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته پاڻي جي فراهمي گهٽجي 30 سيڪڙو تي پهچي وئي. ارسا ٽيڪنيڪل ڪميٽي خريف موسم لاءِ 30 سيڪڙو پاڻي جي فراهمي تي ڪم ڪيو آهي. پهرين اپريل کان 10 جون خريف جي شروع ۾ پاڻي جي دستيابي 30 سيڪڙو کان به گهٽ رهندي. پاڻي جي گهٽتائي جو سبب گهٽ گرمي پد ۽ برف پگهرڻ ۾ دير ڄاڻايو ويو آهي. اجلاس ۾ پنجاب جي ميمبر طرفان ارسا ايڪٽ پيرا ٽو تحت پاڻي جي ورڇ جي مخالفت ڪندي چيو ته پاڻي ٽه رخي فارمولي تحت ورهايو وڃي. هن چيو ته پيرا ٽو وارو معاملي سي سي آءِ ۾ آهي، جنهن ڪري ان تي عمل نٿو ڪري سگهجي. سنڌ جي نمائندي ٽه رخي فارمولي کي هٿرادو فارمولو قرار ڏئي ڇڏيو. اجلاس ۾ واپڊا طرفان به ٽي فائيو تي ڪم جاري رکڻ لاءِ پاڻي روڪڻ وار معاملو سامهو آيو، جنهن تي سنڌ پاران احتجاج ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
14.3 ° C
14.3 °
14.3 °
22 %
1.9kmh
89 %
آچر
17 °
سُومر
16 °
اڱارو
18 °
اربع
18 °
خميس
20 °

تازه ترين خبرون