تازه ترين

ارشد نديم ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپئن شپ ۾ پاڪستان لاءِ پهريون ميڊل کٽي ورتو

پاڪستان جي جيولن ٿرووَر ارشد نديم ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپئن شپ ۾ پاڪستان لاءِ پهريون سلور ميڊل کٽي ورتو آهي.

هنگري جي شهر بڊا پسٽ ۾  ٿيل چيمپئن شپ جي مقابلي ارشد نديم چانديءَ جو ميڊل کٽي ورتو، هو گولڊ ميڊل کٽيندڙ ڀارت جي نريج چوپرا کان اڌ ميٽر کان به گهٽ فرق سبب ٻئي نمبر تي رهيو.

ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپئن شپ جي جيولن ٿرو فائنل ۾ ارشد نديم ٽئين ڀيري 87 ڏهائي 82 ميٽرن جي ٿرو ڪئي، جيڪا سندس بهترين ٿرو هئي، پر هو 88 ڏهائي 17 ميٽر جي ٿرو ڪندڙ ڀارت جي نيرج چوپڙا کي شڪست نه ڏئي سگهيو.

ارشد نديم پهرين ٿرو ۾ گولڊ ميڊل لاءِ ڪشمڪش رهي، جڏهن ته چوٿين نمبر تي ايندڙ جيولن ويبر آخري ٿرو 79 ڏهائي ٻڙي هڪ ميٽر جي ٿرو ڪئي ته ان سان ارشد نديم جو ميڊل يقيني ٿي ويو

آخري ڀيرو ارشد نديم کي 88 ڏهائي 17 ميٽرن کان وڏي ٿرو ڪرڻي هئي، پر ان ۾ کيس ڪاميابي نه ملي ۽ سندس آخري ٿرو 81 ڏهائي 86 ميٽر جي رهي، جنهن سبب نيرج چوپڙا گولڊ ۽ ارشد نديم سلور ميڊل کٽيو، ارشد نديم ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپئن شپ ۾ پاڪستان لاءِ پهريون ميڊل کٽيندڙ ايٿليٽ بڻجي ويو آهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,162FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
33 %
3kmh
3 %
اڱارو
25 °
اربع
29 °
خميس
30 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون