- Advertisement -
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيني هم منصب وانگ اِي سان ملاقات ڪري ٻه طرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.
پرڏيهي وزارت موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ چين جي پرڏيهي وزير وانگ اِي سان ملاقات ڪئي.
ٻنهي اڳواڻن پاڪستان- چين مضبوط دوستي جو عزم ورجايو ۽ ٻن طرفن لاڳاپن، سي پيڪ، اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته چين سان تعلق کي نين بلندين تائين پهچائيندا.
چيني پرڏيهي وزير چيو ته چين بنيادي اشو، سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکندو.- Advertisement -
