تازه ترين

اسرائيل، فلسطين ڇڪتاڻ بابت گڏيل قومن جو بند ڪمري ۾ هنگامي اجلاس بنا نتيجي ختم

اسرائيل، فلسطين ڇڪتاڻ بابت گڏيل قومن جو بند ڪمري ۾ هنگامي اجلاس بنا نتيجي ختم ٿي ويو باضابطه طور ٺهراءُ پيش ٿي سگھيو ۽ نه ئي گڏيل پڌرائي يا بيان جاري ٿي سگھيو.

پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب، آمريڪا طرفان ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ويو ته هو اسرائيل تي حماس جي حملي جي مذمت ڪن پر آمريڪي ۽ اسرائيلي دٻاءَ باوجود ڪيترن ئي ملڪن حماس جي حملن جي مذمت نه ڪئي.

آمريڪا، اسرائيل تي حماس جي حملن جي معاملي تي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ اتفاق نه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو.

پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب، اجلاس دوران روس سلامتي ڪائونسل جي ٻين ميمبرن ملڪن سان اتفاق نه ڪيو.

اجلاس دوران روسي سفير فوري جنگ بند ڪرڻ ۽ با معنى ڳالهين تي زور ڏيندي چيو ته سلامتي ڪائونسل فلسطين بابت ڏهاڪن کان طئي معاهدي تي عمل ڪري.

اجلاس دوران چيني سفير جو چوڻ هو ته هيءَ غير معمولي ڳالهه آهي ته سلامتي ڪائونسل ڪجهه نه ڪيو، نه ته عام شهرين خلاف ڏنل بيان تي سمورن حملن جي مذمت ڪئي ويندي آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
8.7 ° C
8.7 °
8.7 °
50 %
1.9kmh
5 %
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
16 °
جمعو
14 °

تازه ترين خبرون