- Advertisement -
اسرائيلي فوج جا غزه تي حملا جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 35 فلسطيني يهودي فوج جي دهشتگردي جو نشانو بڻجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج نصيرات پناهگير ڪيمپ ۾ مسجد تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
عرب ميڊيا موجب، گذريل سال آڪٽوبر کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد فسلطينين جو انگ 44 هزار 211 تائين پهچي ويو جڏهن ته هڪ لک 4 هزار 567 زخمي ٿي چڪا آهن.
حماس رفح ۾ اسرائيلي فوجي گاڏي تي راڪيٽ حملو ڪيو جنهن ۾ ڪيترن ئي فوجين جي مارجڻ جا اطلاع آهن.
ٻئي پاسي اسرائيلي فوج جا لبنان ۾ هوائي حملا آهن، لبناني صحت واري وزارت دعوى ڪئي آهي ته اسرائيلي بمباري ۾ هڪ ئي ڏينهن اندر 84 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
لبناني صحت واري وزارت موجب، اسرائيلي فوج جي حملن ۾ 3 هزار 670 شهري شهيد ۽ 15 هزار 413 زخمي ٿي چڪا آهن.
ٻئي پاسي لبنان مان حزب الله جا اسرائيل تي راڪيٽ حملا جاري آهن، تل ابيب ۾ ڪروز ميزائلن سان حملي کانپوءِ بن ڪرين ايئرپورٽ تي فلائٽ آپريشن عارضي طور معطل ڪيو ويو.
اسرائيلي ميڊيا موجب، حزب الله 250 راڪيٽ فائر ڪيا جنهن سبب 6 اسرائيلي شهري به زخمي ٿيا جڏهن ته گاڏين کي نقصان پهتو، هڪ فيڪٽري به نشانو بڻي.- Advertisement -
