- Advertisement -
بيلاروس جو صدر الگيزينڊر لوڪاشينڪو اڄ اسلام آباد پهچندو، گذريل ڏينهن 68 رڪني وفد وفاقي راڄڌاني پهتو هو.
وفد ۾ بيلا روس جي پرڏيهي وزير سميت توانائي، عدل انصاف، مواصلات، قدرتي وسيلن جا وزير، چيئرمين ملٽري انڊسٽري ڪميٽي جي ۽ 43 وڏيون ڪاروباري شخصيتون شامل آهن.
وفاقي گھرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته وفد کي اسلام آباد اچڻ تي ڀليڪار چوي ٿو، عوام بيلاروس جي صدر الگيزينڊر لوڪاشينڪو جي اچڻ جو منتظر آهي.
بيلاروس جي صدر جو دورو ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو.
پاڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي مختلف شعبن ۾ اڳتي وڌائن جو خواهشمند آهي، دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ صنعت ۽ واپار سميت شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ملندي.- Advertisement -
