تازه ترين

اسرائيلي فوج جا فلسطينين تي ظلم جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران نسل ڪش حملن ۾ وڌيڪ 46 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
اسرائيلي فوج جا فلسطينين تي ظلم جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران نسل ڪش حملن ۾ وڌيڪ 46 فلسطيني شهيد ۽ 130 زخمي ٿي ويا آهن. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر کان اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو مجموعي انگ 35 هزار 903 تائين پهچي ويو آهي. عرب ميڊيا موجب، يهودي فوج جو نصيرات پناهگير ڪيمپ تي حملو ڪيو جنهن ۾ شهادتن جا اطلاع آهن. ٻئي پاسي القسام بريگيڊ جباليه ۾ ٻن اسرائيلي ٽينڪن کي نشانو بڻائڻ جي دعوى ڪئي آهي. حماس ترجمان جو چوڻ آهي ته جباليه ڪيمپ جي سرنگهه ۾ داخل ٿيندڙ فوجين تي حملو ڪيو جنهن ۾ ڪيترائي اسرائيلي فوجي مارجي ويا ۽ ڪجهه کي گرفتار ڪيو ويو. هوڏانهن اسرائيلي فوج اسرائيلي فوجين کي مارڻ ۽ گرفتار ڪرڻ جي دعوائن جي ترديد ڪئي آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.8 ° C
32.8 °
32.8 °
23 %
3kmh
0 %
آچر
34 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون