- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف سان پيپلزپارٽي جي وفد جي ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال سميت مالي سال 25-2024ع جي بجيٽ بابت صلاح مشورا ڪيا ويا.
وزيراعظم شهباز شريف سان پيپلزپارٽي جي وفد جي ملاقات ڪئي.
وفد ۾ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ پ پ سينيٽر شيري رحمان شامل هئا.
ملاقات ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله ۽ اعظم نذير تارڙ به شرڪت ڪئي.
ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ مالي سال 25-2024ع جي بجيٽ بابت صلاح مشورا ڪيا ويا……..- Advertisement -
