اسرائيلي فوج جي غزه تي دهشتگردي جاري، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 200 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
اسرائيلي فوج جي غزه تي دهشتگردي جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 200 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته 340 زخمي ٿيا آهن. غزه جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين شهيدن جو انگ 25 هزار 490 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 63 هزار کان ماڻهو وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي اسرائيلي فوج خان يونس ۾ حملا تيز ڪندي النصر اسپتال خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. النصر اسپتال، رفاع، دير البلاح، خان يونس ۽ القدي اسپتال جي ڀرپاسي ۾ 5 فلسطينن به شهادت جو جام پيتو. ٻئي پاسي ڊاڪٽرز ود آئوٽ بارڊرز اسرائيل جي جارحيت تي ڳڻتي جو اظهارڪندي چيو آهي ته اسرائيلي فوج هيلٿ ورڪرن کي نشانو بڻائي رهي آهي جنهن ڪري اسپتالن ۾ مريضن جي سار سنڀال ڪرڻ امتحان بڻجي ويو آهي. هوڏانهن حماس خلاف جنگ ۾ هڪ ئي ڏينهن اندر 24 اسرائيلي فوجي مارجي ويا آهن جنهن جي اسرائيل طرفان تصديق پڻ ڪئي وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.5 ° C
20.5 °
20.5 °
54%
2.1m/s
0%
سُومر
28 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون