- Advertisement -
مسلم ليگ نون طرفان اڄ ننڪانه صاحب ۾ سياسي شو جو مظاهرو ڪيو ويندو، جلسي کي نواز شريف ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا، جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.
جلسي لاءِ 20 فٽ ڊگھي ۽ 80 فٽ ويڪري اسٽيج تيار ڪئي وئي آهي، جلسي گاهه ۾ وڏي تعداد ۾ ڪرسيون به لڳايون ويون آهن.
ميان نواز شريف جي هيليڪاپٽر جي لاءِ هيلي پيڊ تيار ڪيو ويو آهي جلسي جي سڪيورٽي لاءِ انتظام به سخت ڪيا ويا آهن.
ٻئي طرف ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته نواز شريف ننڪانه صاحب جي هاڪي اسٽيڊيم ۾ عظيم الشان جلسي کي خطاب ڪندو، نائب صدر مري نواز به پنهنجي والد سان گڏ هوندي.- Advertisement -
