اسرائيلي فوج غزه تي بمباري ڪندي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا ناڪام ٿي وئي، يهودي فوج جي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ وڌي 4 هزار سئو کان وڌي ويو جڏهن ته شهيدن ۾ چاليهه سيڪڙو ٻارڙا شامل آهن جڏهن ته زخمي 16 هزار تائين پهچي ويا.
پرڏيهي ميڊيا تصديق ڪئي آهي ته غزا ۾ اسرائيلي فوج ۽ حماس وچ ۾ خان يونس جي سرحدي علائقي ۾ زميني چڪريون ٿيون.
فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي القسام برگيڊ جو چوڻ آهي ته چڪرين ۾ اسرائيل فوج جا 2 بلڊوز ۽ هڪ ٽينڪ کي تباهه ڪيو ويو آهي.
القسام برگيڊ موجب اسرائيلي فوجين کي پنهنجي گاڏين کانسواءِ پٺتي هٽڻو پيو ۽ يهودي فوجي گاڏيون ڇڏي اسرائيلي حدن ۾ واپس ڀڄي ويا.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج غزا ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي.
اسرائيل به غزا جي سرحد ويجهو پنهنجي هڪ ٽينڪ جي تباهي جي تصديق ڪئي آهي.
اسرائيل جي بمباري ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 4 هزار 700 کان وڌي ويو جن ۾ 40 سيڪڙو معصوم ٻارڙا شامل آهن جڏهن ته زخمي 16 هزار تائين پهچي ويا.
حماس جي حملن ۾ هن وقت تائين هڪ هزار 400 کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي چڪا آهن.
اسرائيل 24 فلسطيني اسپتالن کي خالي ڪرڻ جي وارننگ به ڏني آهي، فلسطيني هلال احمر غزا جي اسپتالن کي خالي ڪرڻ جي اسرائيلي وارننگ کي مريضن لاءِ موت جي سزا جهڙو قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي کين حفاظت سان ڪنهن ٻي هنڌ منتقل نٿو ڪري سگهجي.