تازه ترين

غزه ۽ ڀرپاسي ۾ بمباري ۽ ڊرون حملا جاري،گذريل 24 ڪلاڪن دوران 47 فلسطيني شهيد، 182 زخمي

اسرائيلي فوج جي وچ غزه ۽ ڀرپاسي ۾ بمباري ۽ ڊرون حملا جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 47 فلسطيني شهيد ۽ 182 زخمي ٿي پيا.

عرب ميڊيا موجب، صيهوني فورسز بي گهر فلسطينين تي بم ڪيرايا، جڏهن ته شجاعيه ڪيمپ تي بمباري سبب  2 فلسطيني شهيد ٿي ويا.

عرب ميڊيا جوچوڻ آهي ته يهودي فوج زيتون محلي ۽ جباليه ڪيمپ تي گولا باري ڪئي جنهن سبب شهادتن جو خدشو آهي.

عرب ميڊيا موجب، بيت المقدس ۾ اسرائيلي آبادڪارن فلسطيني شهرين جي گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي.

عرب ميڊيا جو وڌيڪ چوڻ هو ته گذريل سال آڪٽوبر کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ مجموعي انگ 43 هزار 712 ٿي ويو جڏهن ته هڪ لک 3 هزار 528 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن.

ٻئي پاسي لبنان تي اسرائيلي فورسز  حملا  تيز ڪري ڇڏيا آهن.

بيروت جي ڀرپاسي ۾ اسرائيلي فضائيه 12 هوائي حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ رهائشي عمارتون، واپاري مرڪز، اسڪول ۽ اسپتالون تباهه ٿي ويون.

لبناني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن ۾ 3 هزار 287 شهري شهيد ۽ 14 هزار 222 زخمي ٿي چڪا آهن.

ٻئي پاسي ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله سان ويڙهه دوران 6 اسرائيلي فوجي مارجي ويا آهن جنهن جي اسرائيلي فوج جي ترجمان طرفان تصديق ڪئي وئي آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
12 ° C
12 °
12 °
29 %
1.5kmh
0 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
14 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون