تازه ترين

غزه ۽ ڀرپاسي ۾ بمباري ۽ ڊرون حملا جاري،گذريل 24 ڪلاڪن دوران 47 فلسطيني شهيد، 182 زخمي

- Advertisement -
اسرائيلي فوج جي وچ غزه ۽ ڀرپاسي ۾ بمباري ۽ ڊرون حملا جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 47 فلسطيني شهيد ۽ 182 زخمي ٿي پيا. عرب ميڊيا موجب، صيهوني فورسز بي گهر فلسطينين تي بم ڪيرايا، جڏهن ته شجاعيه ڪيمپ تي بمباري سبب  2 فلسطيني شهيد ٿي ويا. عرب ميڊيا جوچوڻ آهي ته يهودي فوج زيتون محلي ۽ جباليه ڪيمپ تي گولا باري ڪئي جنهن سبب شهادتن جو خدشو آهي. عرب ميڊيا موجب، بيت المقدس ۾ اسرائيلي آبادڪارن فلسطيني شهرين جي گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي. عرب ميڊيا جو وڌيڪ چوڻ هو ته گذريل سال آڪٽوبر کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ مجموعي انگ 43 هزار 712 ٿي ويو جڏهن ته هڪ لک 3 هزار 528 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي لبنان تي اسرائيلي فورسز  حملا  تيز ڪري ڇڏيا آهن. بيروت جي ڀرپاسي ۾ اسرائيلي فضائيه 12 هوائي حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ رهائشي عمارتون، واپاري مرڪز، اسڪول ۽ اسپتالون تباهه ٿي ويون. لبناني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن ۾ 3 هزار 287 شهري شهيد ۽ 14 هزار 222 زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله سان ويڙهه دوران 6 اسرائيلي فوجي مارجي ويا آهن جنهن جي اسرائيلي فوج جي ترجمان طرفان تصديق ڪئي وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
6 %
5.9kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون