اسرائيلي فوج خان يونس ۾ ٽيون ڀيرو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، اوڀرندي علائقي ۾ رهائشي عمارتن ۽ بي گهر فلسطينين جي خيمن تي بمباري سان 70 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 200 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
اسرائيلي فوج لکين بي گهر فلسطينين کي ٻيهر جبري بي دخلي جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي، جڏهن ته غزا جي ٻين علائقن ۾ حملا جاري ڪيا آهن.
غزا شهر ۾ گڏيل قومن جي امدادي ايجنسي جي قافلي کي به اسرائيلي فوج نشانو بڻايو.
هوڏانهن غزا ۾ وڌيڪ ٻن اسرائيلي يرغمال مارجي ويا، اسرائيلي فوج يرغمالين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي، غزا ۾ دستي بم ڌماڪي ۾ هڪ اسرائيلي فوجي آفيسر مارجي ويو.
ٻئي طرف لبنان مان حزب الله اسرائيل جي فوجي بنڪرز کي ڊرون حملي سان نشانو بنايو.
اسرائيلي ڪابينا گڏيل قومن جي امدادي ايجنسي اُنروا کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ جو بل منظور ڪري ورتو آهي.