مڪلي ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل پوليس اهلڪار دم ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
مڪلي ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل پوليس اهلڪار دم ڏئي ڇڏيو آهي. زخمي پوليس اهلڪار گلبهار خشڪ کي ڪراچي نيو پئي ويو ته رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ٺٽي ۽ ور شهر سان تعلق رکندڙ خشڪ برادري جي نوجوانن ۾ ڪينجهر تان موٽندي جهيڙو ٿي پيو هو، جهيڙي دوران گلبهار سميت 4 نوجوان فدا حسين، ضياءُ ۽ امتياز زخمي ٿي پيا هئا. فوتي اهلڪار جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد گهر پهچائڻ تي ڪهرام ۽ گهرڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. زخمي پوليس اهلڪار گلبهار خشڪ جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي ويئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.7 ° C
19.7 °
19.7 °
21%
3.5m/s
1%
اربع
20 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون