تازه ترين

اسرائيلي وزيراعظم رفح ۾ فوجي آپريشن جي منظوري ڏئي  ڇڏي

پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾  چيو ته نيتن ياهو رفح ۾ عارضي ڪئمپن ۾ ترسيل لکين فلسطينين خلاف وڏي آپريشن جي منظوري ڏني آهي .

غزا ۾ پنجن مهينن کان جاري جنگ سبب تقريبن 23 لک فلسطينين رفح جي ڪئمپن ۾ پناهه وٺي رکي آهي .

ٻئي طرف اسرائيل فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي قيد ۾ موجود هزارين ماڻهن جي آزادي لاءِ هڪ ٻيو وفد موڪليو ته جيئن سيز فائر جو امڪان موجود رهي .

گذريل ڏينهن حماس اسرائيل سان ڳالهين لاءِ منصوبو پيش ڪيو هو، جنهن ۾ اسرائيلي يرغمالين جي آزادي عيوض جنگبندي، فلسطينين جي غزا مان واپسي ۽ يهودي فوج طرفان قيد ڪيل فلسطينين جي آزادي شامل آهي .

اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي فلسطين جي آڇ رد ڪري ڇڏي هئي .

گڏيل قومن کانسواءِ امريڪا، برطانيا ۽ ڏکڻ آفريڪا سميت ڪيترائي ملڪ اسرائيل جي رفح ۾ امڪاني آپريشن تي ڳڻتي جو اظهار ڪري چڪا آهن ….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.1 ° C
16.1 °
16.1 °
19 %
1.3kmh
0 %
خميس
16 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون