شام جي راڄڌاني دمشق ۾ موجود ايراني قونصل جنرل تي اسرائيل جي هوائي حملي ۾ پاسداران انقلاب جي ڪمانڊر سميت 8 ڄڻا شهيدٿي ويا.
ايراني ميڊيا موجب اسرائيل دمشق ۾ ايراني سفارتخاني جي قونصلر سيڪشن کي ميزائل سان نشانو بڻايو جنهن سبب عمارت تباهه ٿي وئي.
ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملي ۾ 8 شهيد ٿي ويا.
ايران جي سرڪاري ميڊيا دمشق ۾ سفارتڪار جي مارجڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته دمشق ۾ اسرائيلي حملي ۾ ڪيترائي ايراني سفارتڪار پڻ مارجي ويا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب دمشق ۾ اسرائيلي حملي ۾ مارجي ويلن ۾ ايراني پاسداران انقلاب جي القدس برگيڊ جو سينيئر ڪمانڊر رضا زاهدي به شامل آهي.
ايراني ميڊيا موجب ميزائل حملي ۾ قونصلر سيڪشن ۽ سفير جي رهائشگاهه کي نشانو بڻايو ويو.
اسرائيلي حملي کانپوءِ شام جي پرڏيهي وزير به ايراني قونصليٽ جو دورو ڪيو.
ٻئي پاسي ايران چيو آهي ته حملي جو ذميوار اسرائيل آهي، نتيجن جي ذميواري به مٿس هوندي، حملي جو جواب دانشمندي سان وقت اچن تي ڏيندا.
ايراني پرڏيهي وزير پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اسرائيلي قدم عالمي قانونن ۽ ويانا ڪنوينشن جي ڀڃڪڙي آهي، گڏيل قومون ايراني سفارتخاني تي حملي جي مذمت ڪن.