- Advertisement -
اسرائيل جي سڪيورٽي ڪابينا کانپوءِ حڪومت به غزه جنگ بندي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
جمعي تي اسرائييل زويراعظم بن يامين نيتن ياهو جي آفيس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي ڪابينا حڪومت کي جنگ بندي معاهدو منظور ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.
جنهن کانپوءِ ڇنڇر جي صبح جنگ بندي معاهدي جي حڪومتي منظوري لاءِ مڪمل ڪابينا جو اجلاس طلب ڪيو ويو.
پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب اسرائيلي حڪومت به غزه جنگ بندي معاهدي تي حماس سان ڊيل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
اسرائيلي وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب، حڪومت يرغمالين جي واپسي جي منصوبي جي منظوري ڏني آهي، حماس سان جنگ بندي معاهدو سڀاڻي کان لاڳو ٿيندو.
ميڊيا رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نئين چونڊيل امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايلچي تين ياهو حڪومت کان زبردستي ڊيل منظور ڪرائي.
ياد رهي ته جنگ بندي ۽ يرغمالين جي مٽا سٽا جو معاهدو سڀاڻي لاڳو ٿيندو.
غير ملڪي ميڊيا رپورٽ موجب، حماس جي قيد مان آزادي ماڻيندڙ 33 اسرائيلي جون تصويرون جاري رکيون ويون.
ٻئي پاسي اسرائيلي قيد مان به آزادي ماڻيندڙ 95 فلسطنين جا نالا به جاري ڪيا ويا آهن.- Advertisement -
