ايران ۽ روس وچ ۾ جامع اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ معاهدو طئه ٿي ويو

- Advertisement -
ايران ۽ روس وچ ۾ جامع اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ معاهدو طئه ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ايران جي صدر مسعود پزشڪيان جي روس جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي صدرن ڪيملن ۾ معاهدي تي صحيحون ڪيون. معاهدي ۾ سيڪيورٽي سروسز، فوجي مشقن، آفيسرن جي ٽريننگ ۾ سهڪار ۾ شامل آهي، معاهدي موجب ايران ۽ روس هڪ ٻئي خلاف پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. معاهدي ۾ چيو ويو آهي ته ايران يا روس تي حملو ڪندڙ ڪنهن ملڪ کي فوجي امداد فراهم نه ڪئي ويندي، ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي پيش ايندڙ فوجي خطرن کي گڏجي منهن ڏيندا. ان موقعي تي روسي صدر ولاديمير پيوٽن ايران ۾ 2 نيو ڪليئر پاور پلانٽ لڳائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ايران لاءِ نئين جوهري ري ايڪٽرز جي تعمير ۾ دير جي باوجود جوهري منصوبا شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هن وڌيڪ چيو ته معاهدي سان ٻين جي پيدا ڪيل ڏکيائين تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي لائق ٿي سگهندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
14%
0.5m/s
23%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون