اسرائيلي فوج جو غزا تي هوائي بمباري کانپوءِ زميني بمباري جو سلسلو جاري هجڻ سبب 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 481 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج غزا تي هوائي بمباري کانپوءِ زميني بمباري جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي يهودي فوج جي ٽينڪن غزه ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته گولاباري جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ٿي ويون.
يهودي فوج جي 20 هين ڏينهن به فلسطينين تي بمباري جاري هجڻ سبب شهيد فلسطينين جو انگ 7 هزار کان به وڌي چڪو آهي.
فلسطيني صحت واري وزارت جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي بمباري دوران 481 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
مجموعي طور هن وقت تائين 7028 فلسطيني شهيد ٿي ڇڪا آهن جن ۾ 2913 ٻار ۽ 1709 عورتون شامل آهن، زخمي فلسطينين جو انگ 20 هزار کان وڌي ويو آهي.
فلسطيني صحت واري وزارت موجب هن وقت تائين 5 ڀيرا اسرائيلي جارحيت سان منهن ڏنو آهي هن ڀيري شهادتن جو انگ گذريل 18 سالن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي.
فلسطيني صحت واري وزارت وڌيڪ چيو آهي ته اسرائيلي بمباري سبب 940 ٻارڙا ۽ 1650 فلسطيني گم آهن، خدشو آهي ته گم ٿيل ماڻهو تباهه ٿيل عمارتن جي ملبي هيٺ آهن.