اسرائيل جي غزه تي بربريت روڪرائڻ لاءِ روس ميدان ۾ اچي ويو، روس گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ قرار داد جو مسودو پيش ڪري ڇڏيو.
روس طرفان گڏيل قومن جي 15 رڪني سلامتي ڪائونسل جي بند ڪمري اجلاس ۾ مسودو پيش ڪيو آهي.
روس طرفان پيش ڪيل مسوديَ ۾ مطالبو ڪيو آهي ته انساني بنيادن تي جنگبندي ڪئي وڃي ۽ شهرين تي تشدد ۽ هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪئي وڃي.
روس هڪ صفحي تي ٻڌل مسودي ۾ يرغمالين جي آزادي جو به مطالبو ڪيو آهي ۽ انساني بنيادن تي امداد فراهمي ۽ شهرين جي محفوط منتقلي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو آهي.