اسرائيل جي غزا سميت اولهندي ڪناري ۾ بربريت جاري آهي، 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حملن ۾ 31 فسلطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
عرب ميڊيا موجب جباليه ۾ يهودي فوج پناهگيرن جي اسڪولن تي حملو ڪيو، حملي جي نتيجي ۾ 8 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، نصيرات پناهگير ڪئمپ تي اسرائيلي حملي ۾ 5 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
اسرائيلي فوج اولهندي ڪناري ميڊيڪل ٽيم تي پڻ حملو ڪيو، اسرائيلي فوج ڊاڪٽرن کي حملن ۾ زخمي ٿيل فلسطينين جي علاج کان روڪي ڇڏيو.
اسرائيلي حملن ۾ 7آڪٽوبر کان هيل تائين 27 هيلٿ ورڪرز قتل ۽ 94 زخمي ٿي چڪا آهن.
ٻئي طرف اردن سان لاڳاپيل اولهندي ڪناري جي سرحد تي فائرنگ ۾ 3 اسرائيلي گارڊ مارجي ويا.
عرب ميڊيا موجب غزا ۾ شهيدن جو مجموعي انگ 40 هزار 972 ٿي ويو، جڏهن ته 94 هزار 761 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن.