نائيجريا ۾ آئل ٽينڪر ۽ گاڏي ۾ ٽڪر ، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 48 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي

- Advertisement -
نائيجريا جي علائقي ميڊوگري ۾ آئل ٽينڪر ۽ گاڏي ۾ ٽڪر کانپوءِ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 48 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب، مقامي عملدارن جو چوڻ آهي ته آئل ٽينڪر جو ڀرسان گذرندڙ مسافرن ۽ چوپائي مال سان ڀريل ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو. عملدارن موجب، ٽڪر جي نتيجي ۾ آئل ٽنيڪر ڌماڪي سان ڦاٽي ويو ۽ مسافر بردار ٽڪر سميت ٻين گاڏين کي باهه پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. نائجيرين عملدارن موجب، حادثي ۾ 48 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب، آئل ٽينڪر ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن مان ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن سبب فوتگين ۾ اضافي جو خدشو آهي. واضع رهي ته نائجيريا ۾ آئل ٽينڪر حادثا معمول آهن، صرف 2020 ۾ اهڙن حادثن سبب ساڍا پنج سئو کان وڌيڪ ماڻهو حياتون وڃائي چڪا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
27.4 ° C
27.4 °
27.4 °
13%
1.3m/s
0%
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون