تازه ترين

اسرائيل جي غزه ۾ رت جي راند جاري، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 63 ڄڻا شهيد، 94 زخمي

هٿين خالي فلسطينين تي اسرائيل جا ظلم جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 63 ڄڻا شهيد ۽ 94 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.

فلسطيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو مجموعي انگ 32 هزار 845 تائين پهچي ويو جڏهن ته 75 هزار 392 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.

ٻئي پاسي اسرائيلي فوج ٻن هفتن کانپوءِ الشفا اسپتال جو محاصرو ختم ڪري ڇڏيو.

غزه جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيل الشفا اسپتال آڏو ٽينڪ ۽ فوجي گاڏيون هٽائي ڇڏيون آهن.

غزه صحت واري وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو ته الشفا ميڊيڪل ڪمپليڪس کان ڪيترائي لاش مليا آهن جن مان ڪجهه خراب ٿي چڪا آهن، اسرائيلي فوج ويندي ويندي ڪمپليڪس جي عمارتن کي باهه ڏئي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته ميڊيڪل ڪمپليڪس ۾ اندرين طرف عمارتن ۾ وڏي پيماني تي تباهي پکڙيل آهي، هڪ ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته اسپتال مان 20 کان وڌيڪ لاش اهڙا به مليا آهن جن کي اسرائيلي فوجي گاڏين چيڀاٽجي ڇڏيو آهي.

هوڏانهن اسرائيل به الشفا اسپتال مان فورسز واپس گهرائڻ جي تصديق ڪئي آهي.

هڪ بيان ۾ اسرائيلي فوجي ترجمان جو چوڻ آهي ته فوج ٻن هفتن جي آپريشن دوران ڪيترن ئي شدت پسندن کي ماريو ۽ هٿيار ۽ ڳجهي ڄاڻ هٿ ڪئي.

ياد رهي ته الشفا اسپتال ۾ مريضن ۽ زخمين کان علاوه هزارين بي گهر فلسطينين کي به پناهه وٺيون ويٺا هئا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
16.9 ° C
16.9 °
16.9 °
50 %
6.1kmh
61 %
ڇنڇر
16 °
آچر
17 °
سُومر
19 °
اڱارو
21 °
اربع
22 °

تازه ترين خبرون