اسرائيل جي غزه ۾ 53 هنڌن تي بمباري، وڌيڪ 377 فلسطيني شهري شهيد، شهيد فلسطينين جو انگ وڌي 7800 ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب يهودي فوج جي غزا تي بمباري ۾ وڌيڪ 377 فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا جنهن بعد شهيد فلسطينين جو انگ وڌي 7 هزار 800 تائين پهچي چڪو آهي، جن ۾ 3 هزار 631 ٻار ۽ 1 هزار 864 فلسطيني عورتون شامل آهن، غزه جي پٽي ۾ 7 هزار 703 ۽ اولهه ڪناري ۾ 109 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
زخمي فلسطيني شهرين جو انگ به 22 هزارن کان وڌي ويو آهي، جن ۾ 6 هزار 360 ٻار ۽ 4891 عورتون شامل آهن.
غزه ۾ 940 ٻارڙن سميت 1650 کان وڌيڪ فلسطيني گم آهن، غزه مان 4 هزار ۽ اولهه ڪناري مان 1550 کان وڌيڪ فلسطني اسرائيلي حراست ۾ آهن.
غزا ۾ ڇتي ويڙهه جاري آهي، يهودي فوج فلسطينين جو نانءُ نشان مٽائڻ لاءِ وائيٽ فاسفورس جو استعمال ڪيو جڏهن ته يهودي فوج جي زميني ڪارروائي به جاري آهي.
حماس ۽ حزب الله جي اسرائيلي قافلي تي حملا جاري آهن جنهن ۾ ڪيتريون ئي اسرائيلي بڪتربند ۽ فوجي گاڏيون تباهه ٿي ويون
حماس جي حملن ۾ 1405 اسرائيلي مارجي چڪا آهن ۽ 5 هزار 431 زخمي آهن، 229 اسرائيلي حماس جي حراست ۾ ۽ 100 کان وڌيڪ گم آهن.
حماس به يهودي فوج کي ٽوٽا ڄمائڻ لاءِ يهودي فوج سان ڀرپور مزاحمت ڪندي چيو آهي ته فلسطيني هاڻي هڪ هڪاڻي جو وقت سمجهن ۽ هنن جو ساٿ ڏين.
ٻئي پاسي اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياهو ٿيندڙ حملن کي آزادي جي لاءِ ٻي جنگ قرار ڏئي ڇڏيو.
اسرائيلي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن گڏيل قومن طرفان غزه ۾ جنگبندي کي رد ڪندي چيو آهي ته اسرائيل حماس کي ائين ختم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو جيئن دنيا نازين ۽ داعش سان ڪيو هو.