تازه ترين

غزه تي اسرائيلي جارحيت خلاف سڄي دنيا سراپا احتجاج

- Advertisement -
غزه تي اسرائيلي جارحيت خلاف سڄي دنيا سراپا احتجاج بڻجي وئي، مختلف ملڪن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍي جنگبندي جو مطالبو ڪيو ويو . اسرائيلي ظلم  ۽ بربريت خلاف ترڪيه ۾ فلسينين سان يڪجهتي طور عوام رستن تي نڪري آيو، اسرائيلي ظلم خلاف شديد نعريبازي ڪئي ۽ احتجاج ڪندڙن فلسطيني عوام جي حق ۾ نعرا هڻي غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪيو،  جنهن ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي، جڏهن شهيدن ٿيلن کي ڀيٽا پيش ڪندي عقيدت جا گل نڇاور ڪيا. ترڪ صدر رجب اردوان ريلي کي خطاب ڪندي اولهه جي ملڪن جي ٻٽي معيار تي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اوهان يوڪرين ۾ مرڻ وارن تي ڳوڙها ڳاڙي رهيا هئا پر غزه جي ٻارڙن تي آواز ڇو نه اٿاري رهيا آهيو؟ لنڊن ۾ به وڏو مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي لاءِ لکين ماڻهو شريڪ ٿيا، برطانوي عملدارن احتجاج ڪندڙن کي اسرائيلي سفارتخاني وڃڻ جي اجازت نه ڏني. آمريڪي شهر بوسٽن ۾ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن ۾ هارورڊ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. نيويارڪ ۾ يهودين سيهوني ظ:م خلاف ۽ فلسطينين جي حق ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو  ۽ “منهنجي نالي سان نه” لکيل عنوان سان هڪجهڙيون شرٽون پاتيون،  جڏهن ته نيويار پوليس احتجاج ڪندڙ ٻه سئو  ماڻهن کي گرفتار پڻ  ڪري ورتو . واشنگٽن ۾ به اسرائيل جي فلسطينين تي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو  ۽ جنگلبدي جو مطالبو ڪيو. ڀارت جي شهر ڪيريلا ۾ اسرائيلي ظلم خلاف هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪيو. انڊونيشا ۾ فلسطيني جهنڊا کڻي هزارين ماڻهن احتجاجي ريلي ڪڍي جنهن ۾  اسرائيل مخالف نعرا هنيا ويا. فلسطين جي ولاريل اولهه ڪناري ۾ رام الله کان الخليل ۽ طولڪرم کان توباس تائين غزه جي حمايت ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. نيوزيلينڊ ۾ پارليامينٽ آڏو هڪ وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ اسرائيل کان فلسطينين تي ظلم بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ڪينڊا جي مختلف شهرن ۾ به شاگردن فلسطينين جي حق ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون. پيرس، لبنان، يمن،  عراق جي شهر بغداد، بنگلاديش جي شهر ڍاڪا، ملائيشا جي شهر ڪولالمپور  سريلنڪا جي شهر ڪولمبو ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون جن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
19 %
8.5kmh
0 %
ڇنڇر
27 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °

تازه ترين خبرون