اسرائيلي فوج جي شديد بمباري جي نتيجي ۾ وڌيڪ 326 فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا، جڏهن ته مواصلاتي نظام پڻ تباهه ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب يهودي فوج جي غزا تي بمباري ۾ وڌيڪ 3 سئو 26 فلسطيني شهرين جي شهادت بعد شهيد فلسطينين جو انگ ساڍن ستن هزارن جي ويجهو پهچي ويو آهي.
يهودي فوج جي بمباري مواصلاتي نظام تباهه ٿي ويو، فلسطيني علائقن ۾ انٽرنيٽ سروس ۽ موبائيل سگنل نيٽ ورڪ به بند ٿيويو آهي.
غزا جي صحت واري وزارت موجب شهيد فلسطينين ۾ 3 هزار 30 ٻار ۽ 1726 عورتون ۽ بمباري سبب 18 هزار 967 شهري زخمي ٿي پيا آهن.
صحت واري وزارت زخمين ۾ 2 هزار ٻار ۽ 1400 عورتون شامل آهن، 940 ٻارن سميت 1650 فلسطيني اڃان تائين گم آهن، جڏهن ته غزه مان گرفتار 4000 فلسطيني اسرائيل جي جيلن ۾ آهن.
گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته سندن عملي جا به 53 ڄڻا مارجي ويا، هڪ ڏينهن اندر 15 ڄڻن کي ماريو ويو.