اسرائيل غزه ۾ زميني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي، وڌيڪ 326 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
اسرائيلي فوج جي شديد بمباري جي نتيجي ۾ وڌيڪ 326 فلسطيني شهري شهيد  ٿي ويا، جڏهن ته مواصلاتي نظام پڻ تباهه ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب يهودي فوج جي غزا تي بمباري ۾ وڌيڪ 3 سئو 26 فلسطيني شهرين جي شهادت بعد شهيد فلسطينين جو انگ ساڍن ستن هزارن جي ويجهو پهچي ويو آهي. يهودي فوج جي بمباري  مواصلاتي نظام تباهه ٿي ويو، فلسطيني علائقن ۾ انٽرنيٽ سروس ۽ موبائيل سگنل نيٽ ورڪ به بند ٿيويو آهي. غزا جي صحت واري وزارت موجب شهيد فلسطينين ۾ 3 هزار 30 ٻار ۽ 1726 عورتون  ۽ بمباري سبب 18 هزار 967 شهري زخمي ٿي پيا آهن. صحت واري وزارت  زخمين ۾ 2 هزار ٻار ۽ 1400 عورتون شامل آهن،  940 ٻارن سميت 1650 فلسطيني اڃان تائين گم آهن، جڏهن ته  غزه مان گرفتار 4000 فلسطيني اسرائيل جي جيلن ۾ آهن. گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته سندن  عملي جا به 53 ڄڻا مارجي ويا، هڪ ڏينهن اندر 15 ڄڻن کي ماريو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.2 ° C
33.2 °
33.2 °
11%
3.8m/s
2%
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون