تازه ترين

اسرائيل عالمي قانون ۽ عالمي انسانيت جا بکيا اڊيڙڻ جو سلسلو بند نه ڪيو

- Advertisement -
اسرائيل لاڳيتو عالمي قانون ۽ عالمي انسانيت جا بکيا اڊيڙڻ جو سلسلو بند نه ڪيو،  يهودي فوج جي بمباري ۾ وڌيڪ 8 سئو فلسطيني شهيد،  غزه ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 6 هزار 600  ٿي ويو ۽ 19 هزار زخمي ٿي پيا. ميڊيا رپورٽن موجب يهودي فوج غزه ۾ فلسطينين تي بمباري تيز ڪري ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 8 سئو فلسطيني شهيد ٿي ويا جنهن بعد شهيد فلسطينين جو انگ وڌي 66 سئو ٿي ويو، جڏهن ته 19 هزار فلسطيني زخمي ٿي پيا آهن، شهيدن ۾ 2 هزار 704 ٻارڙا به شامل آهن. ميڊيا رپورٽ موجب  الجزيره جي رپورٽر جي گهر تي جهاز جي بمباري سبب صحافي جي گهر واري، پٽ  ۽ نياڻي شهيد ٿي ويا. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو هڪ ڀيرو ٻيهر غزه جو اتريون علائقو خالي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. اسرائيل آمريڪي فوج جي وڌيڪ مقرري تائين زميني آپريشن ملتوي ڪري ڇڏي آحي. هوڏانهن  حماس ايلات ۾ اسرائيلي فوجي ڇانوڻي تي ميزائلن سان حملا ڪيا آهن، غزه مان فائر راڪيٽ اسرائيل جي علائقي قلقيليه واري علائقي ۾ ڪريو جنهن سبب عمارت تباهه ٿي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
4 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
broken clouds
30 ° C
30 °
30 °
14 %
3.2kmh
73 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °
سُومر
36 °
اڱارو
35 °

تازه ترين خبرون