تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اسرائيل مٿان حملو ان جي جارحيت جو رد عمل آهي: ايراني صدر

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ايراني صدر مسعود پيزشڪيان اسرائيل جي خلاف ميزائل حملي کي اسرائيلي “جارحيت” جو فيصلو ڪندڙ جواب قرار ڏنو.

سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي جاري بيان ۾ ايراني صدر چيو ته ايراني حملو اسرائيلي جارحيت جو جواب آهي، ايران ۽ خطي ۾ امن لاءِ جائز حق استعمال ڪيو ويو.

ايراني صدر چيو ته صهيوني رياست جي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويو آهي، ، هو جنگجو ناهن پر ڪنهن به خطري خلاف پختا بيٺا آهن.

ٻئي پاسي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو چوڻ آهي ته ايران تي اسرائيل جو حملو مڪمل ٿي ويو آهي، اسرائيل وڌيڪ جوابي ڪارروائي ڪئي ته جواب ڏنو ويندو.

پنهنجي بيان ۾ عباس عراقچي چيو ته ايران اسرائيل خلاف پنهنجو دفاع استعمال ڪيو، هنن جوابي حملو ڪرڻ کان اڳ 2 مهينا انتظار ڪيو ته شايد غزه ۾ جنگ بندي ٿي وڃي.

عباس عراقچي وڌيڪ چيو ته ايران جون ڪارروايون ختم ٿي چڪيون آهن، پر جيڪڏهن اسرائيل وڌيڪ جوابي ڪارروائي ڪئي ته ان کي وڌيڪ طاقت سان جواب ڏنو ويندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.5 ° C
8.5 °
8.5 °
52 %
1.4kmh
6 %
اربع
8 °
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °

تازه ترين خبرون