تازه ترين

ايران کي حملي جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا، اسرائيل کي امريڪا جي مڪمل حمايت حاصل آهي : جوبائيڊن

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

امريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته ايران جو حملو ظاهري طور تي ناڪام رهيو آهي.

امريڪي صدر جوبائيڊن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته ايران کي حملي جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا، اسرائيل کي امريڪا جي مڪمل حمايت حاصل آهي، تل ابيب جي دفاع ۾ مدد لاءِ تيار آهن.

بائيڊن وڌيڪ چيو ته آمريڪا اسرائيل جي دفاع لاءِ فعال ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته آمريڪي قومي سلامتي ٽيم مسلسل اسرائيلي اختيارين سان رابطي ۾ آهي.

ٻئي پاسي امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو آهي ته اسرائيل تي ايران جو ميزائل حملو ناقابل قبول آهي، سڄي دنيا کي حملي جي مذمت ڪرڻ گھرجي.

انٽوني بلنڪن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايران اٽڪل 200 بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا، اسرائيلي حملي کي مؤثر طريقي سان ناڪام بڻايو ويو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
34.2 ° C
34.2 °
34.2 °
3 %
9.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون