تازه ترين

اسلامو فوبيا انسانيت، ڀائيچاري ۽ همدردي جي اصولن کي ڪمزور ڪندي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسلامو فوبيا انسانيت، ڀائيچاري ۽ همدردي جي اصولن کي ڪمزور ڪندي آهي، ضروري آهي ته اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪيو وڃي.

اسلامو فوبيا جي عالمي ڏهاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نائن اليون کانپوءِ  مسلمانن ۽ اسلام بابت دشمني توڙي شڪ شبهن ۾ اضافو ٿيو.

هن چيو ته اهڙي معاشري لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي جتي ماڻهو بنا فرق آباد ٿي سگهن، اسلام امن جو مذهب آهي، جيڪو ماڻهن سان عزت ۽ احترام سان پيش اچڻ توڙي صبر جي تعليم ڏي ٿو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حقيقتن کان ابتڙ اسلام ۽ مسلمانن کي مسلسل ۽ غير  منصفاڻي طور دهشتگردي سان ڳنڍيو ويندو آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته اچو ته اهڙي دنيا بڻائڻ لاءِ ڪم ڪريون جتي  اسلامو فوبيا جو خاتمو ٿئي  ۽ هر  فرد وقار، تحفظ ۽ آزاديءَ سان رهي سگهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
moderate rain
12.9 ° C
12.9 °
12.9 °
70 %
4.5kmh
31 %
ڇنڇر
13 °
آچر
16 °
سُومر
18 °
اڱارو
21 °
اربع
22 °

تازه ترين خبرون