- Advertisement -
مسلم ليگ نون اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد تي ڪاهه ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ گولين جي واويلا ڪئي پئي وڃي، هي ڪهڙي قسم جون گوليون هيون جيڪي تحريڪ انصاف قيادت کي نه لڳيون، اهڙن شهرين کي گوليون لڳڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي جيڪي ڪڏهن اسلام آباد پهتا ئي نه آهن، پي ٽي آءِ ڪوڙ تي ٻڌل موقف اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته اسلام آباد تي ڪاهه ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ تحريڪ انصاف جا اڳواڻ بزدلي سان ڀڄي ويا، اسلام آباد تي ڪاهه ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ گولين جي واويلا ڪئي پئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته هي ڪهڙي قسم جون گوليون هيون جيڪي تحريڪ انصاف قيادت کي نه لڳيون؟، گوليون پي ٽي آءِ جي ڪنهن ايم اين اي، ايم پي اي يا سينيٽر کي ڇو نه لڳيون؟.
مسلم ليگ نون اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته گوليون لڳڻ بابت اهڙن شهرين جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي جيڪي ڪڏهن اسلام آباد آيا ئي نه آهن، ڪوڙي پروپيگنڊا جي به ڪا انتها هوندي آهي، حڪومت جي صبر جي به ڪا انتها ٿيندي آهي.
هن چيو ته جن بابت چيو پيو وڃي ته جان ڏني انهن جا نالا اڃا تائين سامهون ناهن آندا ويا، تحريڪ انصاف وارا ڪوڙ تي ٻڌل موقف اختيار ڪرڻ جي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
مسلم ليگ نون اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته بشريٰ بي بي اچي ڏڦيڙ پکيڙيو ۽ هاڻي سڄي پارٽي ان جون صفايون ڏئي رهي آهي، ڪرم ۾ ماڻهو ماريا ويا ۽ ڪي پي حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نه چري، خيبرپختونخوا سرڪار کي صوبي ۽ عوام جو ڪوبه فڪر ناهي، هاڻي پي ٽي آءِ باني جي صحت بابت ڪوڙي واويلا شروع ڪئي وئي آهي……….- Advertisement -
