تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

اسلام آباد تي ڪاهه ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ گولين جي واويلا ڪئي پئي وڃي: طلال چوڌري

- Advertisement -
مسلم ليگ نون اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد تي ڪاهه ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ گولين جي واويلا ڪئي پئي وڃي، هي ڪهڙي قسم جون گوليون هيون جيڪي تحريڪ انصاف قيادت کي نه لڳيون، اهڙن شهرين کي گوليون لڳڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي جيڪي ڪڏهن اسلام آباد پهتا ئي نه آهن، پي ٽي آءِ ڪوڙ تي ٻڌل موقف اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته اسلام آباد تي ڪاهه ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ تحريڪ انصاف جا اڳواڻ بزدلي سان ڀڄي ويا، اسلام آباد تي ڪاهه ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ گولين جي واويلا ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته هي ڪهڙي قسم جون گوليون هيون جيڪي تحريڪ انصاف قيادت کي نه لڳيون؟، گوليون پي ٽي آءِ جي ڪنهن ايم اين اي، ايم پي اي يا سينيٽر کي ڇو نه لڳيون؟. مسلم ليگ نون اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته گوليون لڳڻ بابت اهڙن شهرين جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي جيڪي ڪڏهن اسلام آباد آيا ئي نه آهن، ڪوڙي پروپيگنڊا جي به ڪا انتها هوندي آهي، حڪومت جي صبر جي به ڪا انتها ٿيندي آهي. هن چيو ته جن بابت چيو پيو وڃي ته جان ڏني انهن جا نالا اڃا تائين سامهون ناهن آندا ويا، تحريڪ انصاف وارا ڪوڙ تي ٻڌل موقف اختيار ڪرڻ جي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. مسلم ليگ نون اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته بشريٰ بي بي اچي ڏڦيڙ پکيڙيو ۽ هاڻي سڄي پارٽي ان جون صفايون ڏئي رهي آهي، ڪرم ۾ ماڻهو ماريا ويا ۽ ڪي پي حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نه چري، خيبرپختونخوا سرڪار کي صوبي ۽ عوام جو ڪوبه فڪر ناهي، هاڻي پي ٽي آءِ باني جي صحت بابت ڪوڙي واويلا شروع ڪئي وئي آهي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
14 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
14 %
1.5kmh
2 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون