تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

پاڻي جي کوٽ هوندي ڪنهن به نئين منصوبي جي حمايت نه ٿي ڪري سگهجي:ڄام خان شوري

- Advertisement -
سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري چيو آهي ته  پاڻي جي کوٽ هوندي ڪنهن به نئين منصوبي جي حمايت نه ٿي ڪري سگهجي، سنڌ سرڪار سنڌو درياهه مٿان ڪئنال ٺاهڻ خلاف سي سي آءِ ۾ آواز اٿاريو آهي،  سنڌ کي حصي کان گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي، مٿان وري برسات جو پاڻي به سنڌ جي کاتي ۾ هنيو پيو وڃي، پ پ پاڻي واري معاملي تي هميشه اڳڀري رهي آهي. ڄامشوري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت سنڌو درياهه مان اضافي ڪينالن ڪڍڻ خلاف سي سي آءِ ۾ وئي آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ جو وڏو وزير ڪينالن جي معاملي تي ٻه خط لکي چُڪو آهي، ملڪ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ سبب سي ٽي ڊبليو فورم تي هنن ڪينالن جي مخالفت ڪئي آهي. صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو ته جيسيتائين ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار آهي، نيئن ڪنهن منصوبي تي ڪم نٿو ڪري سگھجي، سنڌ کي اڳ ئي ضرورت کان گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي مٿان وري برساتن وارو پاڻي به سنڌ جي کاتي ۾ لڳائي حساب برابر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته جيڪي پارٽيون پاڻي معاملي تي دانهي رهيون آهن، اهي ماضي ۾ ڪنهن جي حمايت ۾ رهيا آهن. سنڌ جي آبپاشي کاتي واري وزير ڄام خان شوري چيو ته پاڻي جي معاملي تي واحد پيپلزپارٽي ئي آهي جيڪا شروع کان وٺي عملي طور اڳڀري رهي آهي، پر هو هن وقت ڪنهن جي مخالفت ۾ نه پاڻي جي معاملي تي گڏ آهن، سنڌ جو وڏو وزير آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ويو هو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
13 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
14 %
1.5kmh
2 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون