تازه ترين

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي پنجن ڪيسن ۾ مختلف تاريخن تي طلب ڪري ورتو

اي ٽي سي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل پنجن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جا وڪيل جان محمد، سردار مصروف ۽ نعيم پنجوٿا پيش ٿيا.

وڪيل ٻڌايو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي روزانو جيل کان عدالت آڻڻ آسان ناهي.

جج ابوالحسنات چيو ته کيس خبر آهي ته جيل مان روز آڻڻ مناسب ناهي، ڪيسن ۾ شريڪ جوابدارن جي به حاضري لڳڻي آهي.

وڪيل چيو ته پنجن ئي ڪيسن ۾ مختلف تاريخون ڏيڻ بدران هڪ ئي تاريخ رکي وڃي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي سڪيورٽي جو  به مسئلو آهي.

عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي رمنا ٿاڻي ۾ داخل  ٻن ڪيسن ۾ 25 سيپٽمبر، سي ٽي ڊي ٿاڻي ۽ سنگجاڻي ۾ 12 آڪٽوبر ۽ گولڙه ٿاڻي ۾ 5 آڪٽوبر تي طلب ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,160FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.3 ° C
26.3 °
26.3 °
27 %
2.4kmh
37 %
اڱارو
26 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون