اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي ڪيس جي پهرين ڏهن جوابدارن کي سزائون ٻڌائي ڇڏيون آهن.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدارن کي 6 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.
سترهن جوابدارن خلاف 10 مئي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي هئي، نامزد جوابدارن مان هڪ کي پڇا ڳاڇا بعد بري ڪيو ويو هو.
سزا ٻڌايل جوابدارن ۾ اسلام آباد جو رهواسي عابد محمود، احسن اياز، شوڪت، باجوڙ جو رهواسي نعيم الله، ذاڪر الله ۽ راولپنڊيءَ جو رهواسي مطيع الله شامل آهن.
ايَ ٽي سي طرفان سزا ٻڌايلن ۾ چار افغان شهري شامل آهن، جيڪي پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ترسيل هئا، جن ۾ دائود خان، يونس خان، احسان الله ۽ لال آغا شامل آهن.