تازه ترين

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد هائيڪورٽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ٿري ايم پي او تحت نظربندي معطل ڪندي کيس فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ چوڌري پرويز الاهي جي گرفتاري خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي.

اسلام آباد هائيڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري ٻڌڻي ڪئي.

پرويز الاهي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته لاهور هائيڪورٽ پهرين سيپٽمبر تي چوڌري پرويز الاهي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي کيس ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪيو، اسلام آباد پوليس لاهور هائيڪورٽ جي آرڊر کي فرسٽريٽ ڪرڻ لاءِ اڳوڻي وڏي وزير کي گرفتار ڪيو.

وڪيل چيو ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي لاهور پوليس کان کسي اسلام آباد آندو ويو، سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن پرويز الاهي کي کڻي گاڏي ۾ وڌو، لاهور هائيڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست تي آءِ جي اسلام آباد کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ٿري ايم پي او تحت نظربندي معطل ڪندي کيس فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد کي اڱاري ڏينهن طلب ڪري ورتو.

عدالت پاران پرويز الاهي کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي.

عدالت جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪنهن به قسم جو ڪو بيان نه ڏيندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون