تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اسلام آباد هائيڪورٽ، توشا خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطل

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اسلام آباد هائيڪورٽ، توشا خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطل ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

اسلام آباد هائيڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي توشا خانا ڪيس ۾ سزا معطلي جي درخواست تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو  جيڪو اڄ ٻڌايو ويو.

عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين جي توشا خانا ڪيس ۾ سزا معطلي واري درخواست منظور ڪري ورتي.

اسلام آباد هائيڪورٽ، پي ٽي آءِ چيئرمين کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي هڪ لک رپين جي ضمانتي ڪاغذ به جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

اسلام آباد هائيڪورٽ طرفان اٺن صفحن تي ٻڌل لکت ۾ فيصلو به جاري ڪيو ويو آهي.

فيصلي ۾ چيو ويو ته توشا خانا ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ٽي سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا معطل ڪئي وڃي ٿي.

لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو ته ٽرائل ڪورٽ اليڪشن ايڪٽ تحت اليڪشن ڪميشن جي شڪايت تي سزا جو فيصلو ٻڌايو.

فيصلي ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي ته ضروري ناهي ته هر ڪيس ۾ سزا معطل ٿئي ۽ ضمانت ڏيڻ يا انڪار ڪرڻ جو صوابديد هائيڪورٽ جو آهي.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته توشا خانا ڪيس ۾ ٻڌايل سزا گهٽ مدي جي آهي، عدالت سمجهي ٿي ته درخواست ڏيندڙ سزا معطلي ۽ ضمانت تي آزاديءَ جو حقدار آهي.

درخواست  ڏيندڙ کي هڪ لک رپين جا ضمانتي ڪاغذ جمع ڪرائڻ تي آزاد ڪيو وڃي.

لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي موجب عدالتي اختيار جي دائري ۽ غور طلب معاملن کي سزا معطلي واري درخواست ۾ طئه نه پيو ڪيو وڃي.

فيصلي ۾ چيو ويو ته ڌرين طرفان معاملن تي تفصيلي دليل ڏنا ويا

لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نوازشريف جي سزا معطلي ۽ قائم علي شاهه ڪيس جي فيصلي جو به حوالو ڏنو ويو

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
28.6 ° C
28.6 °
28.6 °
18 %
5.6kmh
97 %
جمعو
28 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
32 °
اڱارو
30 °

تازه ترين خبرون