اسلام آباد هائيڪورٽ توشا خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي سزا معطل ڪري ڇڏي آهي.
اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ توشا خانا ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي جي سزا خلاف اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني جي وڪيل علي ظفر دليل ڏنا.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا اڄ اپيل ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر آهي؟ اپيل شروع نه ڪئي ويندي، سزا معطلي تي دليل ڏنا وڃن.
علي ظفر چيو ته هو سزا معطلي بدران مک اپيل تي دليل ڏيندا.
چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته توشا خانه ڪيس ٻڌڻيءَ لاءِ نٿا رکي سگهن، سائفر ڪيس ۾ ايف آءِ ايَ جا دليل شروع ٿيڻا آهن، هو توشا خانا ڪيس کي عيد کانپوءِ ٻڌندا.
ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته فيصلي جو جائزو ورتو آهي، هي سزا معطلي جو ڪيس آهي.
دليلن بعد عدالت توشا خانا ڪيس ۾ پي ٽي آءِ بانيءَ جي سزا معطل ڪئي.
ان کانسواءِ بشريٰ بيبي جي به توشا خانا ڪيس ۾ سزا معطل ڪئي وئي آهي.
چيف جسٽس جو چوڻ هو ته سزا خلاف اپيل عيد کانپوءِ مقرر ڪئي ويندي.
5 سيپٽمبر 2022ع تي پي ٽي آءِ بانيءَ خلاف توشا خانا ريفرنس داخل ڪيو ويو هو ۽ عدالت 31 جنوري 2024ع تي عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بيبي کي 14-14 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي