- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ ججن جي سينيارٽي لسٽ تبديل ڪرڻ بابت پنجن ججن جي ريپريزنٽيشن رد ڪرڻ جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.
اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق سببن سان گڏ ججن جي سينيارٽي تبديل ڪرڻ خلاف پنجن ججن جي ريپريزنٽيشن رد ڪرڻ جو 8 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو.
ججن جي ريپريزنٽيشن رد ڪرڻ واري فيصلي ۾ ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي تبديلي جو حوالو به شامل آهي، جڏهن ته ججن جي مقرري، بدلي ۽ ججن کي قسم بابت آئين جون لاڳاپيل شقون به فيصلي جو حصو آهن.
جاري ڪيل لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته لاهور هائيڪورٽ مان ٽرانسفر جسٽس سرفراز ڊوگر 8 جون 2015ع تي هائيڪورٽ جي جج طور قسم کنيو، جسٽس خادم حسين سومري 14 اپريل 2023ع ۾ سنڌ هائيڪورٽ جو جج ٿيو ۽ جسٽس محمد آصف 20 جنوري 2025ع تي بلوچستان هائيڪورٽ جي جج جو قسم کنيو.
اسلام آباد هائيڪورٽ جي فيصلي موجب، آئين جي آرٽيڪل 200 تحت صدر ججن کي تبديل ڪيو، صدر ججن کي چيف جسٽس ۽ لاڳاپيل هائيڪورٽن جي چيف جسٽس جي صلاح مشوري سان تبديلي ڪيو، ٽئي جج ٽرانسفر کان اڳ پنهنجي لاڳاپيل هائيڪورٽن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا هئا.
لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آئين ججن جي بدلي ۽ مقرري ۾ فرق واضح ڪري ٿو، بدلي ۽ مقرري کي هڪ ئي معنيٰ نٿي ڏئي سگهجي.
اسلام آباد هائيڪورٽ جي فيصلي موجب، هائيڪورٽ جو جج مقرر ٿيڻ بعد قسم کڻي آفيس سنڀاليندو آهي، هائيڪورٽ جي جج کي تبديل ڪري ٻيهر قسم کڻائڻ سان لاڳاپيل پروسيجر خاموش آهي، اهو اندازو نٿو لڳائي سگهجي ته جج بدلي کانپوءِ هائيڪورٽ ۾ آفيس سنڀالڻ وقت ٻيهر قسم کڻندو، جيڪڏهن ٽرانسفر ٿيل جج جو ٻيهر قسم کڻڻ ضروري هجي ها ته آئين ۾ ذڪر هجي ها.
چيف جسٽس عامر فاروق فيصلي ۾ لکيو آهي ته سرحد پار ڀارت ۾ ته ججن جي بدلي ته تسلسل سان ٿيندي آهي، ڀارت جيان ٽرانسفر پاليسي ناهي، صدر آئين موجب بدلي ڪري سگهي ٿو، ڀارتي هائيڪورٽن جي ججن جي قسم کڻڻ جو متن به فيصلي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٽن هائيڪورٽن مان ججن کي تبديل ڪرڻ کانپوءِ اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ نئين سينيارٽي لسٽ برقرار آهي، لاهور هائيڪورٽ مان بدلي ٿيل جسٽس سرفراز ڊوگر سينيئر جج برقرار آهي، هائيڪورٽن مان اسلام آباد هائيڪورٽ ٽراسفر ججن کي ٻيهر نئون قسم کڻڻ جي ضرورت ناهي.- Advertisement -
