اسلام آباد هائيڪورٽ جي اٺن ججن کي پائونڊر سان ڀريل ڌمڪيءَ وارا خط مليا آهن، جنهن جي پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن موجب هڪ جج جي اسٽاف خط کوليو ان ۾ پائونڊر موجود هو، جنهن تي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو.
اسلام آباد پوليس اسلام آباد هائيڪورٽ پهچي وئي، جڏهن ته ماهرن جي ٽيم کي به گهرايو ويو.
عدالتي ذريعن موجب خط اندر ڌمڪائڻ وارو نشان موجود آهي، ريشم نالي عورت بنا ايڊريس لکيل خط ججن ڏانهن موڪليا.
عدالتي ذريعن ٻڌايو اسٽاف خط کوليو ته ان ۾ پائونڊر هو، خط کولڻ بعد اکيون سڙڻ شروع ٿي.
اسلام آباد هائيڪورٽ آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊي آءِ جي پوليس کي طلب ڪري ورتو آهي.
اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق خط ملڻ جي تصديق ڪندي چيو ته کين خط مليا آهن، ٻڌڻي ۾ دير به ان جي ڪري ئي ٿي آهي، بنيادي طور هائيڪورٽ کي ڌمڪايو ويو آهي.
ججن کي ملندڙ شڪي خط ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ حوالي ڪري ڇڏيا آهن……..