اسلام آباد هائيڪورٽ پي ٽي آءِ جي گرفتار پارليامينٽ ميمبرن جي جسماني رمانڊ جو فيصلو معطل ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر جنرل درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته جسماني رمانڊ جو فيصلو معطل ڪرڻ سان خراب تاثر ويندو، جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙو خراب تاثر ويندو؟.
درخواست ڏيندڙ جي وڪيل چيو ته عدالت کي ڊگهو جسماني رمانڊ نه ڏيڻ گهرجي، ٽرائل عدالت پنهنجي آرڊر ۾ رمانڊ جو ڪوبه سبب ناهي لکيو.
عدالت پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان هن جسماني رمانڊ بابت فيصلي جو ڪيئن بچاءَ ڪندا، جنهن تي پراسيڪيوٽر جوابدارن خلاف ايف آءِ آرز جو متن عدالت کي پڙهي ٻڌايو.
عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو جسماني رمانڊ بابت فيصلو معطل ڪري ڇڏيو ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي