سنڌ جي گهرو کاتي 12 ربيع الاول ۽ چپ تعزيتي جي جلوس تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو

- Advertisement -
سنڌ جي گهرو کاتي 12 ربيع الاول ۽ چپ تعزيتي جي جلوس تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ڪراچي جي ڏکڻ زون ۾ 13، 14، 16 ۽ 17 سيپٽمبر تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي. نوٽيڪفيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي جي ايسٽ زون ۾ 13، 16 ۽ 17 سيپٽمبر، ڪراچي جي ويسٽ زون ۾ 16 ۽ 17 سيپٽمبر تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب، حيدرآباد ۽ دادو ۾ 16 ۽ 17 سيپٽمبر موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته گهوٽڪي ۽ خيرپور ۾ 13 ۽ 17 سيپٽمبر تي ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب، لاڙڪاڻي، قمبر، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ 17 سيپٽمبر تي ڊبل سواري تي پابندي هوندي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته 12 ورهين کان گهٽ عمر جا ٻار، پيرسن شهري، صحافي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار پابندي کان آجا هوندا……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.8 ° C
18.8 °
18.8 °
51%
1.1m/s
0%
سُومر
19 °
اڱارو
26 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون