اسلام آباد ۽ ڪي پي ڪي جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن، ماڻهو خوف وچان گهرن کان ٻاهر نڪري آيا.
اسلام آباد، پشاور، باجوڙ، چترال، سوات، اپر دير، لوئر دير، مالاڪنڊ، سوات ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
زلزلو ماپيندڙ مرڪز جو چوڻ آهي ته زلزلي جي شدت پنج ڏهائي هڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب زلزلي جي اونهائي 184 ڪلوميٽر هئي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز هندو ڪش جبل جو سلسلو ٻڌايو پيو وڃي.
ايبٽ آباد، بٽ خيلا، بونير، وادي ڪيلاش ۽ ڀرپاسي به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.