مسلم ليگ ن جي قائد نوازشريف ڏکيائين باوجود عوام کي رليف ڏيڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته کين پنهنجي منشور تي فوڪس ڪرڻ گهرجي، عوام جون وڏيون اميدون آهن.
ن ليگ جي قائد نوازشريف ۽ وزيراعظم شهبازشريف سان پارٽي اڳواڻ اسحاق ڊار، اياز صادق، اعظم نذير تارڙ، خواجه آصف، عطا تارڙ، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، کيئل داس ڪوهستاني ۽ ٻين ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته سينيٽ چونڊن بابت معاملن جو به جائزو ورتو ويو.
ملاقات دوران سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ بابت به حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو.
قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ ڇهن جج جي خط کان پوءِ واري صورتحال ۽ پاڻمرادي نوٽيس بابت بريفنگ ڏني.
ذريعن موجب ڏکيائين باوجود عوام کي رليف ڏيڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته کين پنهنجي منشور تي فوڪس ڪرڻ گهرجي، عوام جون وڏيون اميدون آهن.