- Advertisement -
اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران شرپسندن رينجرز اهلڪارن مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي، 4 اهلڪار شهيد ۽ 5 زخمي ٿي پيا.
اسلام آباد ۾ سري نگر هاءِ وي تي پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران شرپسندن رينجرز اهلڪارن مٿان چاڙهي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 رينجرز اهلڪار شهيد ٿي ويا.
واقعي ۾ رينجرز جا 4 ۽ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو.
واقعي بعد زخمي اهلڪارن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
سڪيورٽي ذريعن موجب هيستائين هڪ سئو کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي چڪاس آهن، جن ۾ ڪيترائي سخت زخمي آهن.- Advertisement -
